Tuesday, March 12, 2013

ايوب کوسو




الزام اسان جي نيڻن تي

هُن جيون جو ڪو حال نه پُڇ

۽ مون کان تون سوال نه پُڇ

هي جيون بن جو دوکو آ

هي جيون گهارڻ اوکو آ

ڪو سور اُٿي ٿو سانجهي جو

۽ پور پوي ٿو راتين جو

هِت مينهن وسي ٿو لُڙڪن جو

۽ سمنڊ ڇُلي ٿو ڇولين جو

تون وار سُڪايئن شامن جو

مان پنڌ پُڇايان گامن جو

ڪا واٽ نه آهي واري تي

ويساه نه ڪنهن دلداري تي

چئه ڪيسين قافلو ڪاهيان مان

چئه ڪيسين پاڻ کي ڍاهيان مان

هوءُ چنڊ نه آ جهولي ۾

ڄڻ داغ ٿيو ڪو چولي ۾

هر شام اسان جي نيڻن تي

الزام اسان جي نيڻن تي



شاعر .. ايوب کوسه

تحرير .... محمد جان زريناڻي

No comments:

Post a Comment