Wednesday, March 13, 2013

اردو شعر جو ترجمو




جِسم آهي مَلمل جهڙو نازڪ ۽ جواني ڀرپور

اڄ جي آرس نه ٽُٽي ته بدن ٽُٽندو ضرور

اردو شعر جو ترجمو ڪندڙ
محمد جان زريناڻي

اردو شعر جو ترجمو



هو آرس به ڀڳي نه سگهي کڻي پنهنجا هٿ

مون کي ڏسي ڇوڙي ڇڏيائين کلي پنهنجا هٿ

اردو شعر جو ترجموڪندڙ
محمد جان زريناڻي

استاد بخاري



جي جهنگ ڪيو تنگ ته ساڙي اچبو

ايندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو

او منزل مقصود توسان واعدو آ

آيو جي اڳيان اُڀ ته ڦاڙي اچبو

ٰ

استاد بخاري

تحرير
محمد جان زريناڻي


سميع لنڊ




مون ٿي پڇيو هن کان سائين

مون کان وڇڙي ڪيئن ٿو ڀائين

هوءَ به کي پئي مان به کليس پئي

کلندي کلندي روئي ڏنائين


سميع لنڊ

تحرير * محمد جان زريناڻي


سچل




ولي وسائيج دردمندي جو ديس

پرين مون پرديس اُٺي ايندم اوڏڙا

!!!

سچل سرمست

تحرير .. محمد جان زريناڻي

شوق




هاڻ دل جي ڌڙڪڻ جي صدا به نٿي اچي

هن گهڙي فرست ۾ قضا به نٿي اچي

ٰ

تون ڪنهن جي اڱڻ تي آهين اي ڳاڙها گل

طرف کان تنهنجي ٽچ ٿي هوا به نٿي اچي

ٰ

ڏٺو هو ڪاٿي تنهنجي تصوير تي مئاسين

اسان جهڙن کي ته مرڻ جي اداءَ به نٿي اچي

ٰ

ڇا گهران در تنهنجي تان اهو سوچان ويٺو

الفت جو ماريل آهيان دعا به نٿي اچي

ٰ
اردو شعر جو ترجمو ڪيو
محمد جان زريناڻي

لنڊ سردار
















Tuesday, March 12, 2013

استاد بخاري




گَهر منهنجو گُهمڻ آئين هي احسان آ تُنهنجو

احساس ڪر آس جو ايوان به گُهم تون

۽ پيار سان دل جو دالان به گهم تون

هِت آرزو ۽ جُستجو سامان آ تُنهنجو

هِن روح جي هر روم ۾ ايمان آ تُنهنجو


اُستاد بخاري

تحرير
محمد جان زريناڻي

ايوب کوسو



ٻه چَپ تنهنجا ڪُنوارا شاعر

نه جن کي سمجهي سگهيو آ ڪوئي

نه سمجهي سگهبا اُهي سِگهوئي

نه آرسي ٿي ٻُڌائي توکي

ته تون سياري جي شام آهين

۽ چاندني جي چُمي به آهين

رَڳن ۾ تُنهنجي صحيفا آهن

اکين ۾ ڪيئي غزل رکين ٿي

بدن ۾ ڪيئي ڪنوَل رکين ٿي

سِتارا توتي نَظم لِکن ٿا

۽ رات تُنهنجون چَڳون چُمي ٿي

نهاري ڪيڏو قَهر ڪَرين ٿي

گُلاب آهين لڳي ائين ٿو

ڪو خواب آهين لَڳي ائين ٿو
هِڪ خوبصورت نَرس جا نانءُ

 

ايوب کوسو




الزام اسان جي نيڻن تي

هُن جيون جو ڪو حال نه پُڇ

۽ مون کان تون سوال نه پُڇ

هي جيون بن جو دوکو آ

هي جيون گهارڻ اوکو آ

ڪو سور اُٿي ٿو سانجهي جو

۽ پور پوي ٿو راتين جو

هِت مينهن وسي ٿو لُڙڪن جو

۽ سمنڊ ڇُلي ٿو ڇولين جو

تون وار سُڪايئن شامن جو

مان پنڌ پُڇايان گامن جو

ڪا واٽ نه آهي واري تي

ويساه نه ڪنهن دلداري تي

چئه ڪيسين قافلو ڪاهيان مان

چئه ڪيسين پاڻ کي ڍاهيان مان

هوءُ چنڊ نه آ جهولي ۾

ڄڻ داغ ٿيو ڪو چولي ۾

هر شام اسان جي نيڻن تي

الزام اسان جي نيڻن تي



شاعر .. ايوب کوسه

تحرير .... محمد جان زريناڻي

ايوب کوسو



ويچارن ۾ شهر ٻڏو آ

تو ڦلڙي پاتي ناهي

ڪونه ٽڪي ٿو مرضي هُن جي

چنڊ آ ڪو گهر جو ڀاتي ناهي

ايوب کوسو





هوش نٿو هت ڪير سنڀالي

هن کي چئيجو ڇير سنڀالي

هن کي چئيجو پن ڇڻ آهي

خود کي هيل سوير سنڀالي

ڪنهن جي جريت هن جي سامهون

نيڻ جهلي يا پير سنڀالي

هن کي چئيجو واجب ناهي

هاڻ رسڻ جي هير سنڀالي

هرڪو ماڻهون زخمي آهي

ڪنهن کي ڪنهن کي ڪير سنڀالي

مورک ماڻهون وکري ويندين

دل ۾ ايڏا وير سنڀالي

پاڻ وياسين اجڙي آخر

دردن جا ڍير سنڀالي

شاعر .. ايوب کوسه

تحرير ڪيو . محمد جان زريناڻي

ايوب کوسو








اجرڪ اوڍي ڪائي نڪتي

من جي بن مان وائي نڪتي

آرس اُڀري چولو اُڍرڙيو

ڳَلڙن تي لالائي نڪتي

ايوب کوسو









ڇوڪري چوان يا نَديءِ جو بدن
هو ته آهي سڄو سارو روشنيي جو بدن

هوءُ ته آهي گُلابي ڪَلي وانگيان
هُن جي چَهري ۾ آ چاندني جو بدن

هن  رکي سامهون نيڻ پنهنجا ڏٺا
مهڪندو آ رهيو آرسي جو بدن

دير تايئن ستارن ۾ سڙٻاٽ ها
هن جي ڇاتي مٿان هو سڳي جو بدن

مون چميو مرڪندي هن لکيو هٿ تي
تو سوا آهي ڌرتتي جو بدن

شاعر .. ايوب کوسه

تحرير ڪيو .. محمد جان زريناڻي

ايوب کوسو

هي چوڙين جا ڇَڻڪا هي ساهُن جا سَهڪا


هي جاڳَن جو جوتون هي گُلڙن جا ٻهڪا

هي خوابن جون ٻيڙيون هي ڦلڙين جا چَمڪا

نيئن دِلبَرين جو نِياپو لڳن ٿا

ڀِنل آسرن ۾ جِياپو لڳن ٿا

چوَن ٿا چوَن ٿا اِهوئي چوَن ٿا

کَڻي نيٺ هي ِانتهائون به ڦِرنديون

پرين ديس پَنهنجي جون هَواوُن به ڦِرنديون


شاعر ... ايوب کوسه

تحرير ڪيو .. محمد جان زريناڻي

Monday, March 11, 2013

ايوب کوسه

ڳَل تي آلو رَنگ چُميءِ جو

ڄَڻ ڪو تازو شعر ڪَويءِ جو

سَجني بُت تي ڳاڙهو جوڙو

ڄَڻ ڪو شُعلو ميڻ بَتي جو

اَنگ اَنگ ۾ مُکڙي مُرڪي

واه جو جَلوو عُمِر ڪَچي جو

شاعر .. ايوب کوسه

تحرير ڪيو .. محمد جان زريناڻي

تصويرون