تنهائين جا لڪ اسانکي
ماري وجهندا پڪ اسانکي
ڪو ڳڻي ڪي سگهندا نيڻ
ايڏا آهن ڌڪ اسانکي
توبن وسريا ناهن ڍوليا
چاندوڪيئن جا چڪ اسانکي
هير ٿڌي ۾ ياد اوهان جي
ڏيندي آهي ٿڪ اسانکي
اندر ۾ ٿي هُر کُر جاڳي
تون نه پري هيئن تڪ اسانکي
ڏات جي ڏيهه ۾ گهِلي آيا
ڦُلڙين وارا نَڪ اسانکي
شاعر __ ايوب کوسه
No comments:
Post a Comment