Tuesday, March 12, 2013

ايوب کوسو



ٻه چَپ تنهنجا ڪُنوارا شاعر

نه جن کي سمجهي سگهيو آ ڪوئي

نه سمجهي سگهبا اُهي سِگهوئي

نه آرسي ٿي ٻُڌائي توکي

ته تون سياري جي شام آهين

۽ چاندني جي چُمي به آهين

رَڳن ۾ تُنهنجي صحيفا آهن

اکين ۾ ڪيئي غزل رکين ٿي

بدن ۾ ڪيئي ڪنوَل رکين ٿي

سِتارا توتي نَظم لِکن ٿا

۽ رات تُنهنجون چَڳون چُمي ٿي

نهاري ڪيڏو قَهر ڪَرين ٿي

گُلاب آهين لڳي ائين ٿو

ڪو خواب آهين لَڳي ائين ٿو
هِڪ خوبصورت نَرس جا نانءُ

 

No comments:

Post a Comment