Monday, March 11, 2013

ايوب کوسه


سانجهه ٿي آ ديپ ٻاري پوءُ هلون
ترس ٿورو هوءِ نهاري پوءُ هلون

ترس ٿورو چنڊ پيو اڀري پريان
ياد هڪڙي کي سمهاري پوءُ هلون

ترس ٿورو هوءِ ڀلي آرس ڀڃي وٺي
واءُ خُشبوءَ کي اُڏاري پوءُ هلون

ترس ٿورو هر گهٽي آهي اُداس
دل وٺي ڪي لڙڪ هاري پوءَ هلون
ترس ٿورو هو ڀلي مُرڪي وٺي
نيڻ نيڻن ۾ اُتاري پوءُ هلون

ترس ٿورو گُل اڃا ناهن ٽڙيا
ترس ٿورو غم وِساري پوءُ هلون

No comments:

Post a Comment