Saturday, March 30, 2013
Wednesday, March 13, 2013
شوق
هاڻ دل جي ڌڙڪڻ جي صدا به نٿي اچي
هن گهڙي فرست ۾ قضا به نٿي اچي
ٰ
تون ڪنهن جي اڱڻ تي آهين اي ڳاڙها گل
طرف کان تنهنجي ٽچ ٿي هوا به نٿي اچي
ٰ
ڏٺو هو ڪاٿي تنهنجي تصوير تي مئاسين
اسان جهڙن کي ته مرڻ جي اداءَ به نٿي اچي
ٰ
ڇا گهران در تنهنجي تان اهو سوچان ويٺو
الفت جو ماريل آهيان دعا به نٿي اچي
ٰ
اردو شعر جو ترجمو ڪيو
محمد جان زريناڻي
Tuesday, March 12, 2013
ايوب کوسو
ٻه چَپ تنهنجا ڪُنوارا شاعر
نه جن کي سمجهي سگهيو آ ڪوئي
نه سمجهي سگهبا اُهي سِگهوئي
نه آرسي ٿي ٻُڌائي توکي
ته تون سياري جي شام آهين
۽ چاندني جي چُمي به آهين
رَڳن ۾ تُنهنجي صحيفا آهن
اکين ۾ ڪيئي غزل رکين ٿي
بدن ۾ ڪيئي ڪنوَل رکين ٿي
سِتارا توتي نَظم لِکن ٿا
۽ رات تُنهنجون چَڳون چُمي ٿي
نهاري ڪيڏو قَهر ڪَرين ٿي
گُلاب آهين لڳي ائين ٿو
ڪو خواب آهين لَڳي ائين ٿو
هِڪ خوبصورت نَرس جا نانءُ
|
ايوب کوسو
الزام اسان جي نيڻن تي
هُن جيون جو ڪو حال نه پُڇ
۽ مون کان تون سوال نه پُڇ
هي جيون بن جو دوکو آ
هي جيون گهارڻ اوکو آ
ڪو سور اُٿي ٿو سانجهي جو
۽ پور پوي ٿو راتين جو
هِت مينهن وسي ٿو لُڙڪن جو
۽ سمنڊ ڇُلي ٿو ڇولين جو
تون وار سُڪايئن شامن جو
مان پنڌ پُڇايان گامن جو
ڪا واٽ نه آهي واري تي
ويساه نه ڪنهن دلداري تي
چئه ڪيسين قافلو ڪاهيان مان
چئه ڪيسين پاڻ کي ڍاهيان مان
هوءُ چنڊ نه آ جهولي ۾
ڄڻ داغ ٿيو ڪو چولي ۾
هر شام اسان جي نيڻن تي
الزام اسان جي نيڻن تي
شاعر .. ايوب کوسه
تحرير .... محمد جان زريناڻي
ايوب کوسو
هوش نٿو هت ڪير سنڀالي
هن کي چئيجو ڇير سنڀالي
هن کي چئيجو پن ڇڻ آهي
خود کي هيل سوير سنڀالي
ڪنهن جي جريت هن جي سامهون
نيڻ جهلي يا پير سنڀالي
هن کي چئيجو واجب ناهي
هاڻ رسڻ جي هير سنڀالي
هرڪو ماڻهون زخمي آهي
ڪنهن کي ڪنهن کي ڪير سنڀالي
مورک ماڻهون وکري ويندين
دل ۾ ايڏا وير سنڀالي
پاڻ وياسين اجڙي آخر
دردن جا ڍير سنڀالي
شاعر .. ايوب کوسه
ايوب کوسو
ڇوڪري چوان
يا نَديءِ جو بدن
هو ته آهي
سڄو سارو روشنيي جو بدن
هوءُ ته آهي
گُلابي ڪَلي وانگيان
هُن جي
چَهري ۾ آ چاندني جو بدن
مهڪندو آ
رهيو آرسي جو بدن
دير تايئن
ستارن ۾ سڙٻاٽ ها
هن جي ڇاتي
مٿان هو سڳي جو بدن
مون چميو
مرڪندي هن لکيو هٿ تي
تو سوا آهي
ڌرتتي جو بدن
شاعر ..
ايوب کوسه
تحرير ڪيو
.. محمد جان زريناڻي
ايوب کوسو
هي چوڙين جا ڇَڻڪا هي ساهُن جا سَهڪا
هي جاڳَن جو
جوتون هي گُلڙن جا ٻهڪا
هي خوابن جون
ٻيڙيون هي ڦلڙين جا چَمڪا
نيئن دِلبَرين
جو نِياپو لڳن ٿا
ڀِنل آسرن ۾
جِياپو لڳن ٿا
چوَن ٿا چوَن
ٿا اِهوئي چوَن ٿا
کَڻي نيٺ هي ِانتهائون
به ڦِرنديون
پرين ديس
پَنهنجي جون هَواوُن به ڦِرنديون
شاعر ... ايوب
کوسه
تحرير ڪيو ..
محمد جان زريناڻي
Monday, March 11, 2013
ايوب کوسه
ڳَل تي آلو رَنگ چُميءِ جو
ڄَڻ ڪو تازو شعر ڪَويءِ جو
سَجني بُت تي ڳاڙهو جوڙو
ڄَڻ ڪو شُعلو ميڻ بَتي جو
اَنگ اَنگ ۾ مُکڙي مُرڪي
واه جو جَلوو عُمِر ڪَچي جو
شاعر .. ايوب کوسه
تحرير ڪيو .. محمد جان زريناڻي
Subscribe to:
Posts (Atom)