Tuesday, March 12, 2013

استاد بخاري




گَهر منهنجو گُهمڻ آئين هي احسان آ تُنهنجو

احساس ڪر آس جو ايوان به گُهم تون

۽ پيار سان دل جو دالان به گهم تون

هِت آرزو ۽ جُستجو سامان آ تُنهنجو

هِن روح جي هر روم ۾ ايمان آ تُنهنجو


اُستاد بخاري

تحرير
محمد جان زريناڻي

ايوب کوسو



ٻه چَپ تنهنجا ڪُنوارا شاعر

نه جن کي سمجهي سگهيو آ ڪوئي

نه سمجهي سگهبا اُهي سِگهوئي

نه آرسي ٿي ٻُڌائي توکي

ته تون سياري جي شام آهين

۽ چاندني جي چُمي به آهين

رَڳن ۾ تُنهنجي صحيفا آهن

اکين ۾ ڪيئي غزل رکين ٿي

بدن ۾ ڪيئي ڪنوَل رکين ٿي

سِتارا توتي نَظم لِکن ٿا

۽ رات تُنهنجون چَڳون چُمي ٿي

نهاري ڪيڏو قَهر ڪَرين ٿي

گُلاب آهين لڳي ائين ٿو

ڪو خواب آهين لَڳي ائين ٿو
هِڪ خوبصورت نَرس جا نانءُ

 

ايوب کوسو




الزام اسان جي نيڻن تي

هُن جيون جو ڪو حال نه پُڇ

۽ مون کان تون سوال نه پُڇ

هي جيون بن جو دوکو آ

هي جيون گهارڻ اوکو آ

ڪو سور اُٿي ٿو سانجهي جو

۽ پور پوي ٿو راتين جو

هِت مينهن وسي ٿو لُڙڪن جو

۽ سمنڊ ڇُلي ٿو ڇولين جو

تون وار سُڪايئن شامن جو

مان پنڌ پُڇايان گامن جو

ڪا واٽ نه آهي واري تي

ويساه نه ڪنهن دلداري تي

چئه ڪيسين قافلو ڪاهيان مان

چئه ڪيسين پاڻ کي ڍاهيان مان

هوءُ چنڊ نه آ جهولي ۾

ڄڻ داغ ٿيو ڪو چولي ۾

هر شام اسان جي نيڻن تي

الزام اسان جي نيڻن تي



شاعر .. ايوب کوسه

تحرير .... محمد جان زريناڻي

ايوب کوسو



ويچارن ۾ شهر ٻڏو آ

تو ڦلڙي پاتي ناهي

ڪونه ٽڪي ٿو مرضي هُن جي

چنڊ آ ڪو گهر جو ڀاتي ناهي

ايوب کوسو





هوش نٿو هت ڪير سنڀالي

هن کي چئيجو ڇير سنڀالي

هن کي چئيجو پن ڇڻ آهي

خود کي هيل سوير سنڀالي

ڪنهن جي جريت هن جي سامهون

نيڻ جهلي يا پير سنڀالي

هن کي چئيجو واجب ناهي

هاڻ رسڻ جي هير سنڀالي

هرڪو ماڻهون زخمي آهي

ڪنهن کي ڪنهن کي ڪير سنڀالي

مورک ماڻهون وکري ويندين

دل ۾ ايڏا وير سنڀالي

پاڻ وياسين اجڙي آخر

دردن جا ڍير سنڀالي

شاعر .. ايوب کوسه

تحرير ڪيو . محمد جان زريناڻي

ايوب کوسو








اجرڪ اوڍي ڪائي نڪتي

من جي بن مان وائي نڪتي

آرس اُڀري چولو اُڍرڙيو

ڳَلڙن تي لالائي نڪتي

ايوب کوسو









ڇوڪري چوان يا نَديءِ جو بدن
هو ته آهي سڄو سارو روشنيي جو بدن

هوءُ ته آهي گُلابي ڪَلي وانگيان
هُن جي چَهري ۾ آ چاندني جو بدن

هن  رکي سامهون نيڻ پنهنجا ڏٺا
مهڪندو آ رهيو آرسي جو بدن

دير تايئن ستارن ۾ سڙٻاٽ ها
هن جي ڇاتي مٿان هو سڳي جو بدن

مون چميو مرڪندي هن لکيو هٿ تي
تو سوا آهي ڌرتتي جو بدن

شاعر .. ايوب کوسه

تحرير ڪيو .. محمد جان زريناڻي

ايوب کوسو

هي چوڙين جا ڇَڻڪا هي ساهُن جا سَهڪا


هي جاڳَن جو جوتون هي گُلڙن جا ٻهڪا

هي خوابن جون ٻيڙيون هي ڦلڙين جا چَمڪا

نيئن دِلبَرين جو نِياپو لڳن ٿا

ڀِنل آسرن ۾ جِياپو لڳن ٿا

چوَن ٿا چوَن ٿا اِهوئي چوَن ٿا

کَڻي نيٺ هي ِانتهائون به ڦِرنديون

پرين ديس پَنهنجي جون هَواوُن به ڦِرنديون


شاعر ... ايوب کوسه

تحرير ڪيو .. محمد جان زريناڻي

Monday, March 11, 2013

ايوب کوسه

ڳَل تي آلو رَنگ چُميءِ جو

ڄَڻ ڪو تازو شعر ڪَويءِ جو

سَجني بُت تي ڳاڙهو جوڙو

ڄَڻ ڪو شُعلو ميڻ بَتي جو

اَنگ اَنگ ۾ مُکڙي مُرڪي

واه جو جَلوو عُمِر ڪَچي جو

شاعر .. ايوب کوسه

تحرير ڪيو .. محمد جان زريناڻي

تصويرون

















تصويرون






هڪ شعر تصوير سان گڏ



ايوب کوسه


سانجهه ٿي آ ديپ ٻاري پوءُ هلون
ترس ٿورو هوءِ نهاري پوءُ هلون

ترس ٿورو چنڊ پيو اڀري پريان
ياد هڪڙي کي سمهاري پوءُ هلون

ترس ٿورو هوءِ ڀلي آرس ڀڃي وٺي
واءُ خُشبوءَ کي اُڏاري پوءُ هلون

ترس ٿورو هر گهٽي آهي اُداس
دل وٺي ڪي لڙڪ هاري پوءَ هلون
ترس ٿورو هو ڀلي مُرڪي وٺي
نيڻ نيڻن ۾ اُتاري پوءُ هلون

ترس ٿورو گُل اڃا ناهن ٽڙيا
ترس ٿورو غم وِساري پوءُ هلون

تنهائين جا لڪ اسانکي


تنهائين جا لڪ اسانکي
ماري وجهندا پڪ اسانکي

ڪو ڳڻي ڪي سگهندا نيڻ
ايڏا آهن ڌڪ اسانکي

توبن وسريا ناهن ڍوليا
چاندوڪيئن جا چڪ اسانکي

هير ٿڌي ۾ ياد اوهان جي
ڏيندي آهي ٿڪ اسانکي

اندر ۾ ٿي هُر کُر جاڳي
تون نه پري هيئن تڪ اسانکي

ڏات جي ڏيهه ۾ گهِلي آيا
ڦُلڙين وارا نَڪ اسانکي

شاعر __ ايوب کوسه